اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ??اج??ستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ??اج??ستان پاڪستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ۽ ??اج??ستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ??اج??ستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلامو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي اسلامي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور ج?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر واپار، توانائي ۽ دفاع سمي?? گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪم??ل تي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪستان ۽ ??اج??ستان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سفير ج?? ڪوششن کي ساراهيو.