ڪوهاٽ – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جديد تعليم اسان جي ترجيح آهي، تعليم يافته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، استادن جو تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، شاگردي واري دور ۾ گذاريل وقت شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاگردي واري وقت ۾ گذاريل وقت اسان کي مستقبل جي لاءِ تيار ڪري ٿو. جديد تعليم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اسان کي پاڻ کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. نگر??ن وزيراعظم چيو ته استاد تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. والدين تي به انتهائي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن. نگر??ن وزيراعظم چيو ته هي ڪاليج منهنجو مادر علمي رهيو آهي. آئون 1984ع ۾ بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل علائقي مان تعليم جي لاءِ هن ڪاليج ۾ آيس. آئون زندگي ۾ اڄ هن مقام تي پهتو آهيان ته ان جو ڪريڊٽ منهنجي هن مادر علمي جي استادن ڏانهن وڃي ٿو. نگر??ن وزيراعظم ڪيڊٽس کي تلقين ڪئي ته اهي محنت، ايمانداري ۽ لگن سان اڳتي وڌندا وڃن، انهن جي لاءِ زندگي ۾ چئلينجز هوندا، مشڪليون اينديون پر ڪاميابي انهن جو مقدر هوندي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته هڪ سٺو انسان بڻجڻ ئي زندگي جي سڀ ک??ن وڏي ڪاميابي آهي. تقريب کي خطاب دوران نگر??ن وزيراعظم جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج مان فارغ ٿيل آهي، هن پنهنجي مادر علمي جي ڪيترن ئي استادن جو نالو کڻي ذڪر ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي نگر??ن وزيراعظم روئڻهارڪو ٿي ويو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته مون ?? اڄ جيڪو ڪجهه بهتر آهي ان جو سهرو منهنجي استادن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان اڳ پرنسپل برگيڊيئر (ر) طفيل محمد خان چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن ۽ بورڊ امتحانن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ ب??ترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاليج جي فارغ ٿيندڙ شاگرد مختل?? شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا اهن. نگر??ن وزيراعظم ڪيڊٽس جي پريڊ جو معائنو ڪيو. نگر??ن وزيراعظم کي ڪيڊٽس جي دستي سلامي ڏني. هن چيمپيئن شپ جو جهنڊو رستم هائوس جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين بورڊ آف گورنر ميجر جنرل ذوالفقار علي ڀٽو پڻ موجود هو. نگر??ن وزيراعظم ڪيڊٽس پاران گهوڙي سواري، نيزه بازي ۽ جمناسٽڪس جو مظاهرو پڻ ڏٺو. نگر??ن وزيراعظم نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي پرنسپل نگر??ن وزيراعظم کي ڪاليج جو سووينيئر پيش ڪيو.