برسلز – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني ??يو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار برسلز ۾ سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪ??و. هن ??يو ته يورپي يونين پاڪستان جو اهم حصيدار اهي، ان ڏس ۾ يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو تسلسل انتهائي خوش آئنده آهي. نگران پرڏيهي وزير ??يو ته ان قدم سان يورپي يونين سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان کان اڳ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ سفارتي عملي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني جي شاندار آجيان ڪئي. نگران پرڏيهي وزير قونصلر سيڪشن سميت سفارتخاني جي مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني ڪ??يونٽي کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير سفارتخاني ۾ رکيل ”وزيٽر بُڪ“ ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.