اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان يونيسيف جي نامزد ٻارن جي وفد ٻارن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ملاقات ڪئي. ٻارن جو وفد چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي نمائندگي ڪري رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي پهرين يوٿ اي??ووڪيٽ 16 سالا تقويٰ احمد ڪئي. ٻارن جي وفد مستقبل جي لا??ِ پنهنجي اميدن بابت صدر کي ٻڌايو. ملاقات ۾ وفد ٻارن کي درپيش مختلف مسئلن ۽ چئلينجن تي به روشني وڌي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي جي لا??ِ قدم کڻڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. ٻارن کي تعليم، هنر ۽ تربيت سان لي?? ڪرڻ جي لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن. خصوصي ??ارن کي باقاعده اسڪولن ۾ جامع تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ??ارن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻو پوندو. خصوصي ??ارن کي مهارتن سان لي?? ڪرڻ سان انهن کي روزگار کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻارن صدر کان موسمياتي تبديلين، ڇوڪرين جي تعليم، خصوصي ??ارن ۽ انهن کي درپيش ٻين چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا. ملاقات ۾ ٻارن صدر کي پنهنجي تجربن بابت ٻڌايو. ٻارن زندگي ۾ وڌڻ ويجهڻ جي لا??ِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لا??ِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ ٻارن بئنڪنگ سيڪٽر بابت هڪ ڪيس ۾ صدر پاران ڪيل ٻڌڻي ۾ به شرڪت ڪئي.