اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائ??سي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور ٻيهر چونڊ??ڻ ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي پراڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ ??يو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور پاڪستان يونيسڪو جو مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرمين جي موثر ??گراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن ??يو ته پاڪستان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.