اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳا??يل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي جي لا??ِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير سعودي سفير جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي عرب پاران اسلامي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي آجيان ڪندي چيو ته با??ي ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي قائم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير کي سعودي عرب جي دوري ??ي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جا دوري ??ي دعوت تي ٿورا مڃيا.