اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??اءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضروري وسيلن جي ??راهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي ??اءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??اءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيلن جي ??راهمي يقيني بڻائيندي.