اسلام آباد ??? 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جي تاريخ جو اعلان خوش آئنده آهي، افواهون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي، اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. نجڪاري واري وفاقي و??ير فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چي?? ته پاڪستان جي آئين تحت هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چي?? ته چونڊن جي ح??الي سان اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ڪري وٺندي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪا هڪ وڏي خبر آهي. هن چي?? ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون ٿينديون. چونڊون منعقد ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو.