اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل ج?? تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيف اليڪشن ڪ??شنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ چيو آهي ته صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي تحليل ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ته قومي اسيمبلي جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لا??ِ، تحليل ج?? تاريخ کان 90 ڏينهن جي اندر ج?? تاريخ مقرر ڪري. هن چيو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل ج?? تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر چيو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪ??شنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو جوڙي سگهجي، چيف اليڪشن ڪ??شنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو اليڪشن ڪ??يشن جو اختيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن چيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن ج?? تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر چيو ته اليڪشن ڪ??يشن ذميوار آهي ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشنز ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر چيو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪ??يشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.