اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي روڪڻ ??ي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غي??منظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب هن اها هدايت واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي روان??ي واپار وڌائڻ ??ي لاء?? مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ ??ي لاءِ امڪاني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي ب??تر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ٿيندڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ ??ي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غي??منظم سرحدي رستن تي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي ب?? هدايت ڪئي.