لنڊن – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز مي??نگ جي پهرين وزارتي ٽاسڪ فورس جي نون ميمبرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٽاسڪ فورس پنهنجي ترجيحن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪ??و ويو ته مستقبل ۾ نوجوانن جي معاملن کي ترجيحن ۾ شامل ڪ??و ويندو. نمائندن ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز مي??نگ کي بهتر طريقي سان هلائڻ تي پاڪستان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ساراهيو. ان سان گڏ ئي ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز مي??نگ پڄاڻي تي پهتي.