لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف)جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود کي ٽيليفون ڪري خار ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڌماڪي سبب قيمتي جانين جي نقصان تي دلي افسوس ٿ??و آهي، اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ملندي، دهشتگردي جو خاتمو پوري قوم جو عهد آهي. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي، وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ??کو??ل ڪٽنبن لاءِ صبر ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز ش??يف چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبرپختونخوا سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڌماڪي جي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شديد زخمين جي هيلي ڪاپٽرز ذريعي ٻين اسپتالن ۾ منتقلي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي جاچ ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.