اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان ??ان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد ش??باز شريف صدر الهام عليوف ??ان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي ??ان ڳنڍيل آه?? ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا ??ان مضبوط آه??. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام جي گڏيل فائدي ??ي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.