اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل منظرنامي جي ڏس ۾ ??اڪ??تان جي پرڏيهي پاليسي گهڻ رخي هجڻ گهرجي، ??اڪ??تان سدائين بلاڪس جي سياست جي مخالفت ڪئي ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي محرڪ طور تعاون جي حمايت ڪئي آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آئي ايس ايس آئي) جي 50 هين يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، شين ۽ خدمتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ، خودمختيار فيصلاسازي جو تحفظ ۽ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ملڪ جي مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپن جي جلد نئين سر جوڙجڪ، اهم گادي وارن شهرن سان اعتماد جي بحالي ۽ روايتي حصيدارن سان وسيع تر مصروفيتن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين کانسواءِ يورپ، روس، جاپان ۽ آسيان سميت سمورين وڏين طاقتن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پر??زم آهيون، ??اڪ??تان سعودي عرب، گڏيل ع??ب امارات، ترڪيءَ، ايران ۽ قطر سان حصيداري کي مضبوط ۽ گهرو ڪيو آهي، ان کانسواءِ ??اڪ??تان جي آفريقا سان رابطن ۾ پڻ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو. هن چيو ته ??اڪ??تان سدائين بلاڪس جي سياست جي مخالفت ڪئي ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي محرڪ طور تعاون جي وڪالت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پائيدار ۽ فائديمند رهي آهي، ??اڪ??تان، چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پر??زم آهي. سي پيڪ جي افغانستان ۽ اولهه تائين توسيع ڪنيڪٽيوٽي ۽ اقتصادي انضمام جي ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي پرڏيهي وزير چيو ته پرو ايڪٽو آئوٽ ريچ جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطح جا دورا ٿيا آهن ۽ اميد آهي ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته روس سان ??اڪ??تان اعتماد جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ڇو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ ان جو ادراڪ ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي دوست جي حيثيت سان ??اڪ??تان جاري بحران جو پر??من خاتمو چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت سان لاڳاپا بنيادي طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدم جي ڪري عدم اعتماد جي علامت آهن جيڪي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان ڀارت سان گڏيل احترام، خودمختياري ۽ برابري جي بنياد تي سٺن پاڙيسري لاڳاپن جي لاءِ پر??زم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڀارت کي امن جي ??اه?? ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم کي واپس وٺڻو پوندو. هن چيو ته ??اڪ??تان علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سرگرم رهيو آهي ۽ ٻطرفن مسئلن جي باوجود شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شرڪت ??اڪ??تان جي شنگهائي تعاون تنظيم سان وابستگي جو اشارو آهي. افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ان حوالي سان عملي موقف اختيار ڪري ۽ ڪنهن به انساني آفت کي روڪڻ ۽ ان جي معيشت جي نئين سر تعمير ۾ مدد ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ مدد جاري رکي. اهڙي طرح هن طالبان عملدارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهن ۽ انساني حقن جو احترام ڪن. پرڏيهي وزير 50 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ آئي ايس ايس آئي جي ڪردار کي سا??اه??ندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ادارو ترقي جون منزلون طئي ڪندو رهندو. ان کان اڳ آئي ايس ايس آئي جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود 1973ع ۾ آئي ايس ايس آئي قائم ٿيڻ ک??ن وٺي اڄ تائين جو تاريخي جائزو پيش ڪيو. هن چيو ته هڪ اهم رياست هجڻ جي ناطي ??اڪ??تان جو خطي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي.