اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، تنهن هوندي به انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ به موثر تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪستان کي سامونڊي طوفان س??ب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ ويچار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقي??ي بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان س??ب بدين ۽ ??ٽي کي خطرو آهي، ڪراچي ش??ر ۾ طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو کي سامهون هوندو. هن چيو ته ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقي??ي بڻائڻ گهرجي، سنڌ حڪومت 80 کان هڪ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پاڻ به حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامونڊي طوفان س??ن بلوچستان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقي??ي بڻائڻ جي تلقين ڪري.