اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عالمي ٽورنام??نٽ?? ۾ شموليت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي حوالي سان پن مشاورت ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موج??د هئا.