اسل??م آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسل??م آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو انتهائي قابل قدر اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسل??م آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته اسل??م آباد جي رهواسين کي عالمي معيار جون شهري سهولتون ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڀرپور ڪوشش ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن ترقياتي منصوبن جي تعمير تيز ڪئي وڃي جڏهن ته شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو وي?? ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد سهولتن سان ليس رهائشي يونٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمز شروع ڪيون وي??ن آهن، انهن اسڪيمز ۾ هڪ ئي وقت ادائيگي تي اوورسيز پاڪستانين کي 15 سيڪڙو رعايت ڏني وي??دي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته اسل??م آباد جي بهترين لوڪيشنز تي 45 ڪمرشل پلاٽس نيلامي جي لاءِ تيار آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته اسل??م آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ 10 بلين رپين جي پئڪيج تي ڪم جاري آهي جنهن سان اسل??م آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته اسل??م آباد ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف روٽس تي 160 اليڪٽرڪ بسون هلايون وي??ديون، انهن مان 2 روٽس جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون جون جي وچ ڌاري اسل??م آباد پهچي وي??ديون. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته اسل??م آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ گهٽ مدي وارو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبو جون 2023ع ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڊگهي مدي واري منصوبي جي حوالي سان عالمي ٽينڊر ڪيو وي?? آهي. ان حوالي سان و??يراعظم هدايت ڪئي ته اسل??م آباد جي لاءِ جامع سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان کي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن ح??يف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.