اسلام آباد – 28 – ??پر??ل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن جي ترقي بلوچست??ن جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستا?? نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وزيراعظم کي بلوچست??ن جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وزيراعظم جي ملڪي بقاءَ ۽ بلوچست??ن جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جي ترقي بلوچست??ن جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان پاڪست??ن جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪست??ن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم شهباز شريف بلوچست??ن جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو، ٻوڏ دوران وزيراعظم بلوچست??ن جي علائقن جو پاڻ دورو ڪري متاثر بلوچن جو درد ونڊيو جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذر??ل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ شديد معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو.