اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ عدالتي بائيڪاٽ نه پر ڪارروائي تي بي اعتمادي جي اظهار جو فيصلو ٿي?? هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قانون وارو ??زير جنهن ميٽنگ جو حوالو ڏئي رهيو آهي اها سموري اتحادي پارٽين جي قائدين، اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن جي ميٽنگ هئي، پي ايم ايل جي صدر جي حيثيت س??ن ان اجلاس جي صدارت مون ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ٿي?? هو ته موجوده بئنچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويندو، بائيڪاٽ جو لفظ ڪٿي استعمال نه ٿيو.