اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرست??ن جي علائقي انگور اڏا ۽ ضلعي ڊيره اسماعيل خ??ن جي علائقي ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي، حوالدار محمد اظهر اقبال، نائيڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ پو??ئي??ن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.