اسلام آباد-14 نومبر (اي ??ي پي) مصر ۾ رٿيل ڪوپ 27 جي هاڻوڪي سربراهه اجلاس ۾ موسم??ات?? انصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان امير مل??ن کان غريب مل??ن کي ان بحران جي ازالي ڪرڻ لاءِ مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن بحران جو سبب هو نه آهي. آمريڪي رسالي فارن پاليسي پنهنجي هاڻوڪي مضمون ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل هڪ ڏهاڪي کان موسم??ات?? تباهيءَ جو شڪار آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي نيڪال ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کي انتهائي ماحول??ات?? تبديليءَ جو سڀ کان وڏو خطرو آهي. آسٽريلوي صحافي ۽ ڪالم نگار اوڊونيل لائيني جي لکيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته مون سون بارشن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيو حصو ٻوڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي 2 ۾ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن ته پاڪستان جي معيشت کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. گذريل هفتي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن جي موسم??ات?? تبديليءَ جي ڪانفرنس ڪوپ 27 ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو خطاب جو حوالو ڏيندي مضمون نگار چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي انساني آفت جو شڪار آهي جنهن سان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي. ڪوپ 27 جي وائيس چيئر طور وزيراعظم شهباز شريف ماحول??ات?? تبديليءَ سبب ٿيل انهن نقصان جي مال??ات?? طريقه ڪار ت?? زور ڀريو جيڪو اُسرندڙ مل??ن کي پابند ڪندو ته هو متاثرن مل??ن کي ماحول??ات?? تبديلين جي اثرن جي ادائگيءَ ۾ مدد ڪري ۽ توانائيءَ کان محروم مل??ن کي ان جو حصو بڻجڻ کان روڪي ۽ کين توانائي جي صاف سٿري ذريعن جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري. ڪوپ 27 ۾ اهو سوال ڇانيل رهيو ته امير مل?? غريب مل??ن جي آبهوا جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهن ٿا. هاڻوڪي سربراهي اجلاس لاءِ تيار ڪيل هڪ رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اُسرندڙ مل??ن کي تقريبن هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو پرڏيهي موسم??ات?? فنانسن جي ضر??رت هوندو.