شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النيهيان گڏ??ل مفاد جي گڏ??ل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏ??ل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??وس??ياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ??رڻ جي لاءِ ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ??وس??ياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عالمي برادري کي گڏجي زمين جي بقاءَ جو گڏ??ل چارٽر ٺاه??و پوندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي مقصدن جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي اسلامي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏ??ل مفاد جي گڏ??ل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.