اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چي?? آه?? ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آه??ون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آه??. وزيراعظم چي?? ته هن وفاقي گهرو وزير کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آه??. وزيراعظم چي?? ته هو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آه??، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي سيڪيورٽي ۽ جاچ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چي?? ته اسان جي ملڪي سياست ۾ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي.