سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا کي ا??و واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ??ارت ڄمون ?? ڪشمير تي غيرقانوني طور تي ?? ڪشميرين جي ا??نگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ?? ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي شيطاني ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ?? ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي ا??و باور ڪرائين ته ??شمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ?? ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.