اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان هن وقت ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون، ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي منصوبن جي لاءِ اربين رپين جا قرض گهربل آهن. وز??را??ظم آفيس جي اڪائونٽس تان جاري ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي تصوير سان گڏ ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف فنانشل ٽائيمز کي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته جيڪي اسان جا مطالبا آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان ۾ تمام وڏو فرق آهي، اسان ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون ۽ اسان ان جو شڪار آهيون، اڄ جيڪڏهن اسان ان جو شڪار آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ ??ن جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اسان اهو نه ٿا چاهيون ته ائين نه ٿئي. وز??را??ظم چيو ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاءِ اربين رپين جو قرض گهربل آهي.