ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائق?? ۾ ??لڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي امداد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي امداد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي امداد ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي مالي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيا?? ۾ ??ڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نا??را سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ متاث?? ضلعن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن متاثر علائقن ۾ به ٻوڏ متاثر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.