اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پوري ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪ ??ضائيه ج?? ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناطي قدرتي آفتن دوران متاثرن جي مدد لاءِ انساني سرگرم??ن ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا جي صدر بيگم ايئر ??يف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ??مانڊز ۽ پفوا جي چيئر پرسنز سان گڏ پاڪ ??ضائيه جي سڀني ايئر بيسز تي ضرورتمند ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ ??ضائيه جي سڀني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن. پاڪ ??ضائيه ج?? ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ ??ضائيه جي عورتن جي ڀرپور شموليت جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي امداد طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عورتن جا ڪپڙا، 10500 ٻارن جي ڪپڙن کان علاوه 3400 گرم ڪپڙا، 1200 ڪمبل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ ??ضائيه طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ضرورتمند ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پهچائي سگهجي.