اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان فتنو، فساد، ??نت??ار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ هر جڳهه جو دور?? ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ لاءِ نه ٿو وڃي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ج?? ڪراچي جو دورو برساتن جي ڪري ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته مديني تي سياست، ڪوويڊ تي سياست، احتساب تي سياست، فتني فساد، ??نت??ار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ عمران خان هر جڳهه جو دور?? ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ جي لاءِ نه ٿو وڃي سگهي، بشريٰ بي بي اسلامي ٽچ جي ڪري منع ڪيو آهي.