نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ري??ڪي?? ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ري??ڪي?? جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ري??ڪي?? جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پا??لياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.