لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي پاڪستان تنظيم جي امير شجاع الدين شيخ چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو اچي چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنه??جي بيان ۾ هن چيو ته 3 سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنه??جي آئين جي شقن 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري والاريل ڪشمير کي ڀارت ۾ ضم ڪري هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جا علمبردار سڏرائيندڙ اولهه ملڪ ۽ عالمي ادارا ڀارت جي 5 آگسٽ جي ڪڌن قدمن جا نه رڳو حامي پر ان ظلم ۾ ??ن جا ح??يد??ر به بڻجي چڪا آهن ۽ ڀارت جي ان غيرقانوني ۽ غيرانساني ۽ عالمي قانونن جي سراسري خلاف ورزي جي طرز عمل کي رد ڪرڻ تي پري جي ڳالهه آهي پر زبان سان به ??ن جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.