اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلند?? سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي وز??را??ظم چيو ته اهو پاڪستان ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وز??را??ظم واپار، ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وز??را??ظم خاطري ڪرائي ته حڪومت جاپاني ??يڙ??ڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سفير واڊا جاپان جي پاڪستان سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. و??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي وز??را??ظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.