اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ??عل??ٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي اسٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قد?? کڻن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن ??ه قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وف??قي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وف??قي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وف??قي وزير مفتاح اسماعيل، واپار واري وف??قي وزير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل ??عل??ٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين ??عل??ٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.