اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ت?? ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي ت??زلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته عمران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چي?? ته صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي ت?? نه رڳو عمران خان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جم??ور??ت به بدنام ٿي. شهباز شريف چي?? ته اسان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ت?? اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري ت??ظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 هين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.