اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي ا??يمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احمد خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي ا??يمبلي ۾ م??ال?? ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي ا??يمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي ا??يمبلي ۾ م??ال?? ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي ا??يمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي ا??يمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ م??ال?? ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ م??ال?? ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزيراعظم ۽ م??ال?? ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزيراعظم جي مقرري جو ??خت??ار ڏي ٿو.