اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل د??چس??ي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻ??رف?? تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ش??هه محمود ??ريشي چيو ته پاڪستان، يورپي يونين سان ٻ??رف?? گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي جا ٿورا مڃيا.