اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ ح??وم?? جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌ تي ح??وم?? ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنج?? بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪڻ?? کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻ?? کائي ويا، سنڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور ت?? بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچ??دو.