اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪ??ئونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته انهن جي اڪ??ئونٽس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فر?? حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اڪ??ئونٽس جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثابت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اڪ??ئونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سياسي پارٽين جي اڪ??ئونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اڪ??ئونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.