اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيندي م??ڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بلوچستان جا شاگرد جد??د تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون حاصل ڪري م??ڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ريذيڊنشل ڪاليج، خضدار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر ??ارف علوي چيو ته شاگرد پاڻ کي جد??د علم ۽ آءِ ٽي م??ارت سان ليس ڪري م??ڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي م??ڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچستان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر ??ارف علوي چيو ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ جي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر ??لوچستان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ريذيڊنشل ڪاليجز جي ق??ام تي بلوچستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته اهو اميد ڪري ٿو ته ريذيڊنشل ڪاليجز صوبي جي تعليمي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.