اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن انساني خدمت جي سڀني کان وڏو منصوبو صحت ??ارڊ جاري ڪيو. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو ??ر خاندان ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهندو. فرخ حبيب چيو ته ڪنهن جو ??يارو وسيلا نه هجڻ جي ڪري لاعلاج نه رهندو. هن چيو ته پنجاب جي عوام لاءِ اڄ وڏي خوشي جو ڏينهن آهي.