اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمش??ر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪ??ي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن ک??ن آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪ??ي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر نه پوندا.