اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ا??لا??ات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، ا??لا??ات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سا?? اطلاعات واري وزارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي ب?? تفصيلي بريفنگ ڏني. ا??لا??ات واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر صحافين جي سهولت لاءِ ا??لا??ات واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪي?? ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر ا??لا??ات واري وزارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي ب?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.