اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آم??يڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن جي وچ ۾ لاڳ??پا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم آم??يڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوا??ي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آم??يڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ – آم??يڪا لاڳاپن خاص طور تي افعانستان جي صورتحال جي حوا??ي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ٽائيم کي پنهنجي انٽرويو ۾ آم??يڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ وزيراعظم آم??يڪا سان لاڳاپن جو هڪ نئون رخ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آم??يڪا سان لاڳاپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آم??يڪا سان سيڪيورٽي لاڳاپن بدران اقتصادي لاڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم نيويارڪ ٽائ??مز کي انٽرويو ۾ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لاڳ??پا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آم??يڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.