اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو ش??ري کي هراسان ڪرڻ جي واقع?? جي ذميوار شخص ??بدالسلام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو ش??ري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائ?? جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزاد?? جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪ??ام معاشر?? جي سمورن ??اڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.