اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گه??و معاملن واري وف??قي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو و??ند??. وزيراعظم عمران خان 5 سال پ??را ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائ??دن سان ڳالهائ??ند?? وف??قي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.