اسلا?? آباد – 02 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي ??ي او) جي ملڪن جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس جو ”اسلا?? آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ محڪوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته هڪطرفي اقتصادي پابندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهين سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏي??دي ان کان متاثر اي ??ي او ميمبر ملڪن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. علائقائي واپار ۽ رابطن جو فروغ تي جاري ٿيندڙ اسلا?? آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پائيڪو جي پارليامينٽن جي سربراهن (اسپيڪر چيئرپرسنز صدرن) اسلا?? آباد ۾ پهرين کان 2 جون 2021ع تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ پائيڪو جي ٻي جنرل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اقتصادي تعاون تنظيم (اي ??ي او) جي وسيع البنياد مقصدن جي حمايت جي لاءِ پائيڪو جي اهميت تي زور ڏنو جنهن جو مقصد ميمبر رياستن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.