مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پاڪستان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪر?? نئين گيم شروع ڪر?? ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪائي رهيا آهن ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ڳاله??ون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج جي خ??اف ڳالهائي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪر??ون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چئي رهيا آهيون، شريف ۽ زرداري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم ڪيو ويو?? قانون جي بالادستي قائم ڪر?? پاڪستان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي مينگوره ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.