اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ضابطو آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم دوران احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال بهتر ??يڻ تي تعميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪورونا سان گڏ پنهنجي ماڻهن کي بک سبب مرڻ کان به بچائڻو هو ان لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪو الله جي فضل ۽ ڪرم سان بهتر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي احتياط نه ڪئي ته ڪيسز جي انگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وز??راعظم هائوس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وز??راعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن دوران سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپتالن تي مريضن جو جيڪو دٻاءُ هو ان ۾ به گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيجن بيڊز تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويو ??هي. وز??راعظم چيو ته اهو الله تعاليٰ جو اسان تي خاص ڪرم آهي ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪورونا جي وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا چئلينجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه ??هي. هن چيو ته 13 مارچ تي جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ته وڏا چئلينجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪورونا ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي ويو ??هي. وز??راعظم چيو ته اسان تي دٻاءُ هو ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان به لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي پهرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهيو ته يورپ ۽ چين جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جون حالتون مختلف آهن.