اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر سان تازي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات پاڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرز جي ادائيگي جيڪا هن سال جنوري ۾ واجب الادا هئي، کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو اسان جي ??عيشت لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم تازو ئي رحيم يار خان ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ٿيندڙ پنهنجي ??لاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل عربا مارات پاڪستان پاران 2 ارب آمريڪي ڊالرز جي ادائيگي جيڪا هن سال جنوري ۾ واجب الادا هئي، کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو اسان جي ??عيشت جي ??اءِ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته يو اي اي جي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهم قرار ڏنو. ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انفراسٽرڪچر کي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) 2016ع تحت ڪريٽيڪل انفراسٽرڪچر قرار ڏيڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم جو مقصد فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انتهائي حساس ڊيٽا کي سائبر حملن جهڙوڪ بئنڪنگ ۽ ڪنهن به غيرقانوني مداخلت کان بچائڻ آهي، ان قدم سان ايف بي آر جي حساس ڊيٽا وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا هوابازي ڊويزن جي سفارش تي عالمي ايئرلائينز فلائي دبئي جي ??اهور ۽ اسلام آباد کان دبئي ۽ دبئي کان لاهور ۽ اسلام آباد اڏامن جي ??فتيوار فريڪوئينسيز جي عارضي اجازت نامي ۾ 4 جنوري 2025ع کان 3 فيبروري 2025ع تائين توسيع جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي سامونڊي معاملن واري وزارت پاران 11 وفاقي وزارتن/ ڊويزنز جي گوادر بندرگاهه تان مارچ 2024ع کان هيستائين جي دوران پبلڪ سيڪٽر درآمدات ۽ برآمدات تي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن جي رپورٽس کي بريفنگ جو حصو بڻائي هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته درآمدات ۽ برآمدات ۾ ڪنهن به قسم جي ??رق کانسواءِ پبلڪ سيڪٽر جي سموري درآمدات ۽ برآمدات جو 60 سيڪڙو حصو گوادر بندرگاهه تان ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشنز واري وزارت پاران وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ اي – آفيس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو حڪومت پاران اي – آفيس کي ان وڏي پئماني تي لاڳو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پهرين جنوري 2025ع کان سمورين وفاقي وزارتن ۽ ڊويزن جي ??چ ۾ رابطي جي ??اءِ ڪاغذ جو استعمال ختم ڪيو ويو ۽ سموري فائيلز موومينٽ ۽ ٻي لکپڙهه لاءِ رڳو اي – آفيس استعمال ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 21 وزارتن/ ڊويزن ۾ اي – آفيس سئو سيڪڙو لاڳو ڪئي وئي آهي، اي – آفيس لاڳو ڪرڻ سان نه رڳو وقت جي بچت ٿيندي پر اسٽيشنري ۽ پيٽرول جي ??د ۾ قومي خزاني کي فائدو پڻ پهچندو، اي – آفيس لاڳو ڪرڻ سان وزيرا??ظم آفيس ۾ سمري جي ??راسيسنگ جو وقت هاڻي وڌ کان وڌ رڳو ٽن ڏينهن تائين ٿي چڪو آهي. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ??اءِ ري فربشڊ ڪروم بڪس جي خريداري/ حاصل ڪرڻ کي پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس جي سيڪشن 21 اي تحت ڇوٽ ڏني وئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ان ڪروم بڪس جي خريداري جي ??رڊ پارٽي آڊٽ لازمي ڪرائي وڃي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ ۽ شينڊونگ روئي گروپ چائنا جي ??چ ۾ ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون جي ??فاهمتي يادداشت تي صحيحن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي ڊپلوميٽڪ اڪيڊمي، جمهوريه سربيا جي ??رڏيهي وزارت ۽ سروس اڪيڊمي، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي ??رڏيهي وزارت جي ??چ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي پرائيويٽ حج آپريٽرز ڪورٽ ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. ڪميٽي سفارش ڪئي ته حج 2025ع جا انتظام موجوده 46 منتظمين ڪندا. ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي آهي ته ايندڙ سالن جي ??اءِ نئين حج پاليسي ٺاهي وڃي. وفاقي ڪابينا ڄاڻايل ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪري ورتيون. ڪابينا هدايت ڪئي ته پرائيويٽ حج آپريٽرز جي حوالي سان سمورن ڪورٽ ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 ڊسمبر 2024ع ۽ پهرين جنوري 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.