اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز ۽ خيبر??خت??نخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽربيونل جا اضافي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري و??ارت جي سفارش تي سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا موسمياتي تبديلي ۽ موسمياتي ڪوآرڊينيشن واري و??ارت جي سفارش تي ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري و??ارت جي سفارش تي خيبر??خت??نخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽربيونل جا اّتيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.