اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪميٽين وچ ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين جو عمل شروع ٿي ويو، جڏهن ته ايندڙ اج??اس 2 جن??ري 2025ع تي ٿيندو، جن??ن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ به پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو ٿئي. ڪميٽيءَ جي اج??اس کانپوءِ ميڊيا سا?? ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي سينيٽ ۾ قائدِ ايوان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائي پڙهي ٻُڌائي. پارليامينٽ هائوس ۾ حڪومتي اتحا??ي ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ اتحا??ي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جي پهرين باضابطه ويهڪ ٿي. اسپيڪر اج??اس جي صدارت ڪئي. حڪومتي اتحا??ي ڪميٽي طرفان نائب وزيراعظم ۽ نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عبدالعليم خان ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي طرفان اسد قيصر، راجا ناصر عباس ۽ صاحبزاده محمد حامد رضا شريڪ هئا. اسد قيصر آگاهه ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽيءَ جا باقي ميمبر عدالتي جاين يا ملڪ کان ٻاهر هئڻ سبب ان هنگامي اج??اس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ٻنهي مذاڪرتي ڪميٽين خير سگالي جو اظهار ڪندي اج??اس کي نهايت هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو اهم فورم آهي ۽ ڳالهين واري عمل کي جاري رهڻ گهرجي. مخالف ڌر ڪميٽي پنهنجي شروعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو. طئي ٿيو ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ مخالف ڌر ڪميٽي لکت طور تي پنهنجا مطالبا ۽ شرطَ پيش ڪندي ته جيئن انهن دستاويزن جي روشني ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن. اج??اس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪندي ان پُختي عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي جي جنگ ۾ اسان سڀ قوم سا?? گڏ بيٺل آهيون. ٻنهي ڳالهين وارين ٽيمن اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ حڪومتي ڪميٽيءَ جي قيام ۽ ڳالهين جي عملي شروعات لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. گڏيل صلاح مشوري سا?? طئي ٿيو ته ايندڙ ڳالهين وارو اج??اس 2 جن??ريءَ تي منعقد ٿيندو. ان کان اڳ اسپيڪر چيو ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين جو پهريون اج??اس سٺي ماحول ۾ ٿيو جن??ن لاءِ حڪومتي ليڊرشپ ۽ ڪميٽي ۽ مخالف ڌُر جي ليڊرشپ ۽ ڪميٽيءَ جا شڪرگذار آهيون. اج??اس ۾ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته گڏجي ويهي پاڪستان جي بهتريءَ جو عهد ڪريون ٿا ۽ ڪوشش به ڪنداسين، اسان سڀ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ان سا?? سياسي بهتري، جمهوريت مستحڪم ۽ پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجن جي خاتمي جي اميد آهي. هن ٻُڌايو ته مخالف ڌر جي ڪميٽي ۾ نامزد ڪجهه ميمبر شريڪ نه ٿي سگهيا. ڪميٽيءَ جو ايندڙ اج??اس 2 جن??ري تي ٿيندو جن??ن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ به کڻي اينداسين. هن ٻُڌايو ته مختصر گڏيل پريس پڌرائي آندي ويندي ته جيئن ان تي گهٽ کان گهٽ تبصرو ٿئي. هن گذارش ڪئي ته انهن ڳالهين واري عمل کي هاڪاري نظر سا?? ڏسو، اسان چاهيون ٿا ته ماحول سٺو رهي، اسان پاڪستان جي بهتريءَ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو چاهيون ٿا.